بلاول (راڳڻي)

بلاول: راڳ جي اصطلاح ۾ هڪ ٺاٺ ۽ راڳڻيءَ جو نالو بلاول آهي. هيءُ بلاول ٺاٺ جو سمپورڻ راڳ آهي. هن ۾ کرج يا ڌيوت کي وادي سُر مڃين ٿا ۽ پنچم يا رکب کي سمواديءَ. هن جي آروهيءَ ۾ مَڌَم سُر ڪمزور رهندو آهي ۽ امروهيءَ ۾ گنڌار تي زور نه ڏيندا آهن. هن ۾ نکاد جو سُر اڪثر وڪر لڳايو ويندو آهي، يعني ڌيوت کان پوءِ نکاد کي ڇڏي سڌو کرج ڏانهن وڌندا آهن. هن راڳ جو زور اُترانگ يعني مٿين سُرن ۾ رهندو آهي ۽ امروهيءَ ۾ هن جي شڪل ظاهر ٿيندي آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت صبح آهي ۽ هن کي ”صبح جو ڪلياڻ“ به چوندا آهن. بلاول جا گهڻائي قسم آهن .
بلاول ٺاٺ: هن کي شنڪره ڀرن ميل به چوندا آهن. هن جا سڀ سر شڌ آهن .
سا ري گا ما پا ڌي ني سا
ٺاٺ جون راڳڻيون: بلاول- بهاڳ- ڀاگرا- ديسڪار- پهاڙي- ڪوڪب- شنڪرا- نٽ- مانڊ- سر پروا- الَيا- گُن ڪلي- شڪل- نٽ بلاولي- هنس ڌن- لڇا ساک- هيم- دُر گا- نوروچڪا ملوها ڪيدار- ديوگري- جلڌر ڪيدار ۽ پٽ منجري .


هن صفحي کي شيئر ڪريو